امدادي سامان نه ملڻ تي تشدد جو شڪار ڳوٺاڻن جو احتجاج

دڙو (ن سنڌيار) خدرا امدادي راشن ڀلي نہ ڏيو پر غريبن تي لٺيون نہ وسايو.!! ٻنون ۾ امدادي سامان ورھائڻ دوران پوليس جي وحشياڻي تشدد سبب زخمي ٿيل ڪولھي برادري جي سوين ٻوڏ ۽ برسات متاثرين طرفان احتجاجي مظاھرو، ڌرڻو. انتظاميا خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو، رپورٽ موجب ٻنون لڳ سنڌو درياھ جي بچاء بند تي ويٺل مولچند ٻيلي جي ڳوٺ ھمراج ڪولھي جي عورتن، مردن ۽ ٻارن چانڊو ڪولھي، مٺو ڪولھي، شمعون ڪولھي، تيجان ڪولھي، رامچند جوڳي، سونيا ڪولھي، جمعون ڪولھي، مورجھي ڪولھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن امدادي راشن ورھائڻ دوران ٿيل پوليس تشدد خلاف ٻنون وايا قادرڏنو شاھ حيدرآباد روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻون ھنيو، ان موقعي تي ھنن الزام ھڻندي چيو تہ خدارا پيٽ جي بُک اجھائڻ لاء راشن ڀلي نہ ڏيو پر عورتن، ٻارن ۽ جھور پوڙھن تي لٺيون نہ وسايو، ھنن اوڇگارون ڏيندي چيو تہ گذريل ڏينھن سجاول جي ڊي سي طرفان اماڻيل امدادي راشن ورھائڻ دوران انتظاميا ۽ ٻنون پوليس لٺين ۽ لانگ بوٽن سان ٿُڏا لَتون ھڻي اسانجي ڳورھاڙي عورت لڇمي زال شڪور ڪولھي جو 7 مھينن جو حمل ڪيرائي ڇڏيو آھي، جڏھن تہ پوليس چندر ڪولھي جو ھٿ ڀڃي شيتل ڪولھي ۽ ٻين تي سخت وحشياڻون تشدد ڪري امدادي سامان بااثر وڏيرن جي اوطاقن تي پھچائي سوين ماڻھن کي زخمي ڪيو آھي، ھنن چيف جسٽس سنڌ ھائي ڪورٽ، پ پ چئرمين، سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي تہ خدارا اسان مٿان ٿيل تشدد جو نوٽيس ورتو وڃي.!!

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو