ٻوڏ متاثر شاگردن جون فيون معاف ڪرائڻ سنڌي شاگرد تحريڪ جو احتجاج

گولاڙچي (ن س) ٻوڏ متاثر شاگردن جي ٻن سالن لاءِ في معاف ڪرائڻ، انٽري ٽيسٽ فيس معاف ڪرائڻ، شاگردن کي فورن فلڊ اسڪالرشپون ڏيڻ، جن شاگردن جون مارڪشيٽون ۽ سرٽيفڪيٽ ٻڏي ويا آهن انھن کي ڊپليڪيٽ سرٽيفڪيٽ مفت ۾ جاري ڪرڻ، گورنمنٽ ھاسٽلن ۾ شاگرن کي مفت رھائش ڏيڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاء سنڌي شاگرد تحريڪ گولاڙچي پاران گولاڙچي پريس ڪلب آڏو سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ دلدار نوحاڻي، جميل ملاح، عوامي تحريڪ تعلقي گولاڙچي صدر غلام علي نوحاڻي، SST تعلقي گولاڙچي صدر ساجد نوحاڻي، ضلع بدين اڳواڻ گلزار نوحاڻي، اياز لطيف لوھار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تھ ھن وقت سموري سنڌ حڪمرانن جي بد انتظامي سبب ٻڏل آھي. ٻوڏ سبب ھزارين گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن، جن جو ڌرتي تي نالو نشان ناھي رھيو، جنھن ۾ ماڻھن جو الھ تلھ لڙھي ويو آھي، ان انتھائي ڏکوئيندڙ صورتحال ۾ سنڌ جا ھزارين شاگرد سخت متاثر ٿيا آھن، شاگردن جون تعليمي مارڪشيٽون، پاس سرٽيفڪيٽ ۽ ڊگريون ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙھي ويون آھن، سنڌ جا ھزارين شاگرد پنھنجي مائٽن سميت دربدر آھن، ان صورتحال ۾ شاگردن لاءِ تعليمي ادارن جون ڳريون فيسون برداشت ڪرڻ ممڪن ناھي. حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب اڳ ئي سنڌ جي تعليم تباھ آھي ھن ٻوڏ سبب سنڌ جي غريب شاگردن لاء تعليم جاري رکڻ وڌيڪ مشڪل ٿي پيو آھي جنھن سبب سندن مستقبل داء تي لڳل آھي سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار کان مطالبو آھي ت سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ پڙھندڙ شاگردن جون فيسون فورن معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي جيئن مشڪلاتن کي منھن ڏيندڙ شاگردن تان ڳرين فيسن جو بار لھي ۽ ھو پنھنجي تعليم جاري رکي سگھن. وفاقي حڪومت توڻي سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا ھنگامي بنيادن تي تحرڪ ۾ اچن ۽ شاگردن تان ڳرين فيسن جو بار لاھڻ سان گڏ سڀني شاگردن کي ڇھن مھينن جي فلڊ اسڪالرشپ ڏئي شاگردن لاءِ اعلي تعليم جا موقعا فراھم ڪيا وڃن. سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن چيو تھ غريب طبقي جو شاگرد غربت جي گھاڻي ۾ پيڙھيو پيو آھي. تعليمي ادارن ۾ داخلا لاءِ چالان فيس ۽ ٻيون فيون وڌائي تعليم جا دروازا بند ڪيا ويا آھن. سنڌ جا اڪثر شاگرد انٽر کان پوء يونيورسٽي تائين پھچي ناھن سگھندا، تنھنڪري سنڌ حڪومت انٽري ٽيسٽ جي چالان فيس معاف ڪري تھ جيئن عام شاگرد اعلي تعليم حاصل ڪري سگھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو