پاڪستان ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2 مريض فوت

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي شرح ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هن وبا سبب 2 مريض حياتيون وڃائي ويٺا.ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 53هين نمبر تي اچي ويو آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح 0.87 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ وڌيڪ 121 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ 72 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس سبب 30 هزار 609 مريض فوت ٿي چڪا آهن. ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 72 هزار 109 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 13 هزار 945 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 4 لک 31 هزار 894 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (NIH) موجب پشاور ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح 2.84 سيڪڙو، ملتان ۾ 1.96 سيڪڙو، مردان ۾ 1.48 سيڪڙو ۽ ڪراچي ۾ 1.24 سيڪڙو رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو