شڪارپور (ن س)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا مان 7 هزار خيما آيا جڏهن ته اسان کي 15 لک خيمن جي ضرورت آهي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه شڪارپور ۾ بينظير ٽائون ۾ ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو ۽ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 2 مهينن اندر پاڻي ختم ڪري آبادي بحال ڪئي ويندي.مراد علي شاهه چيو ته سڄي دنيا مان رڳو 7 هزار خيما آيا آهن جڏهن ته اسان کي 15 لک خيمن جي ضرورت آهي.ٻوڏ متاثرن جي حوالي سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو ڪنهن کان به گار نه آهن، جن جي ڪري هي سڀ ڪجهه ٿيو آهي، مدد ڪرڻ سندن ذميواري آهي.










