پنجاب ۾ اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت ۾ 315 رپيا واڌ

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب ۾ سرڪاري اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت ۾ 315 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي.پنجاب جي خوراڪ کاتي ڪڻڪ ۽ اٽي جي نئين قيمت مقرر ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت 1295 رپيا جڏهن ته 10 ڪلو ٿيلهي جي پرچون قيمت 648 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.صوبائي حڪومت ڪڻڪ جو اگهه 2300 رپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، اگهه راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ به لاڳو هوندا.هوڏانهن سنڌ جي خوراڪ کاتي صوبي ۾ اٽي جو پرچون اگهه 65 رپيا في ڪلو مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ 10 ڪلو اٽي جو اگهه 650 رپيا ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ نوان اگهه 26 سيپٽمبر کان لاڳو ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو