لاهور(ويب ڊيسڪ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ جاويد لطيف خلاف لاهور ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو.پنجاب جي گهرو وزير هاشم ڊوگر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جاويد لطيف ۽ مريم اورنگزيب خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.مسلم ليگ ن جي اڳواڻ وفاقي وزير جاويد لطيف خلاف گرين ٽائون ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.هاشم ڊوگر چيو ته ڪيس ۾ ايم ڊي سرڪاري ٽي وي رشيد بيگ ۽ پروگرام پروڊيوسر کي به نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس دهشتگردي ٽوڙ جي تحت داخل ڪيو ويو آهي.پنجاب جي گهرو وزير چيو ته ڪنهن به شهري خلاف مذهبي نفرت ۽ تشدد جي اشتعال جي اجازت نه ڏني ويندي.










