نثار دراني جي مقرري خلاف فواد چوڌري جي درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي:عدالت

نثار دراني جي مقرري خلاف فواد چوڌري جي درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي:عدالت

اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبر سنڌ نثار دراني جي مقرري خلاف درخواست ناقابل سماعت قرار ڏئي ڇڏي.پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري گذريل ڏينهن نثار دراني جي مقرري خلاف درخواست داخل ڪئي هئي، جيڪا هاڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي آهي.فواد چوڌري جي وڪيل فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ پنهنجو موقف پيش ڪندي چيو ته نثار دراني جي مقرري آئين جي آرٽيڪل 216 جي ڀڃڪڙي آهي.جنهن تي چيف جسٽس اسلام آباد اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته هي آئيني مقرري آهي، ميمبر کي ڪيئن هٽائي سگهجي ٿو؟ هن عدالت کي آئين کي ڏسي فيصلو ڪرڻو آهي، ڪنهن به معاملي ۾ غير ضروري مداخلت نه ڪندي. عدالت واضح ڪيو ته آئيني موقف بابت تڪرار پيدا ڪرڻ واري ڪنهن به صورت ۾ مداخلت نه ڪندي، توهان آئين جي شق کي ٻيهر پڙهو، اها ڳالهه بلڪل واضح آهي، آئين فورم ۽ طريقيڪار به ڏئي ٿو.جنهن تي ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري راءِ ڏيندي چيو ته هن مقرري ۾ ڪجهه فرق آهي، جتي مس ڪنڊڪٽ ايندو اتي لاڳو ٿيندو، جنهن تي عدالت فيصل چوڌري کان پڇاڻو ڪيو ته اهي ميمبر ڪڏهن مقرر ٿيا؟درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نثار دراني کي 24 جنوري 2020 تي ميمبر اليڪشن ڪميشن سنڌ مقرر ڪيو ويو هو.عدالت واضح ڪيو ته اها تقرير آئيني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ٿي، ان کي اهڙي ئي طريقي سان هٽائي سگهجي ٿو، فواد چوڌري جي پارٽي به ان وقت مقرري ۾ ملوث هئي، پارلياماني ڪميٽي اها مقرري ان وقت ڪئي هئي، جنهن کي آئيني گهرجون پوريون ڪرڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو