ملتان ۾ ڪوهيڙي تي ضابطو آڻڻ لاءِ قلم 144 لاڳو

ملتان ۾ ڪوهيڙي تي ضابطو آڻڻ لاءِ قلم 144 لاڳو

ملتان (ويب ڊيسڪ)ملتان ۾ سموگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ قلم 144 15 آڪٽوبر تائين لاڳو ڪيو ويو.پابندي تحت آلودگي پيدا ڪندڙ سمورن فيڪٽرين کي خبردار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فصلن جي رهاڻ ۽ ڪچري کي ساڙڻ وارن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.ٻئي طرف سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ به سموگ تي ضابطو آڻڻ جي انهن قدمن جي حمايت ڪئي آهي.2 ڏينهن اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ به سموگ جي خاتمي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا هئا ته گٽرن تي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو عمل جاري رکيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو