عمران خان ايندڙ اليڪشن مهم جي شروعات سنڌ مان ڪندو:اڳوڻو وزير

عمران خان ايندڙ اليڪشن مهم جي شروعات سنڌ مان ڪندو:اڳوڻو وزير

اسلام آباد(بيورو)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم ڪرپشن کي بچائڻ کانپوءِ سياست بچائڻ جي مهم تي هلي رهي آهي.سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته 6 مهينن ۾ معيشت بهتر ناهي ٿي، برآمدات نه وڌيون آهن، مهانگائي ۽ ڊالر جو اگهه نه رڪيو آهي، وڌيڪ هڪ ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا آهن، معاشي صورتحال انتهائي نازڪ آهي.هن چيو ته ٽنهي جو ٽولي زرداري، نواز، فضل الرحمان اليڪشن نه ٿو روڪي سگهي، نه ٻاهران مدد آئي ۽ نه اندران مدد ملي،اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته بلاول جو چهرو سمرقند ۾ پڙهي سگهجي ٿو، آصف زرداري کي لاهور ۾ ضرور ويهڻ گهرجي، ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي، پنجاب حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ مرڪز کي پريشان آهي، اٽي ۽ پيٽرول جي کوٽ آهي.هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم کي اسان جي دور ۾ هڪ به لاش نه مليو، اسان 2 وزارتون ڏنيون، انهن 2 ڏنيون، ڪراچي مان کين برطرف ڪيو ويو، عمران خان ايندڙ اليڪشن مهم جي شروعات سنڌ مان ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو