ڪراچي، ڊينگي لاروا کي تباهه ڪرڻ لاءِ فيوميگيشن مهم جو اعلان

ڪراچي، ڊينگي لاروا کي تباهه ڪرڻ لاءِ فيوميگيشن مهم جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڊينگي جي مريضن جي انگ ۾ مسلسل اضافو سبب ڊينگي لاروا کي ختم ڪرڻ لاءِ فيوميگيشن مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب اسپتالن ۾ روزانو 200 کان وڌيڪ ڊينگي جا مريض اچي رهيا آهن، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ به مريضن جي انگ ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. اسپتالن ۾ بسترن جي کوٽ سبب مريض ۽ ڊاڪٽر پريشان، ليبارٽرين ۾ ٽيسٽ لاءِ ايندڙ ماڻهن جو رش به وڌي ويو آهي. ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب شهر ۾ ڊينگي لاروا جي خاتمي لاءِ اسپري ۽ فيوميگيشن مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو