گهر ڊهي پٽ،ماروئڙا کليل آسمان هيٺ رهڻ لڳا وس وارن کان مدد جي اپيل

گهر ڊهي پٽ،ماروئڙا کليل آسمان هيٺ رهڻ لڳا وس وارن کان مدد جي اپيل

ٽنڊو غلام حيدر ( ن سنڌيار) بلڙي شاه ڪريم ڀرسان يونين ڪائونسل جنهاڻ سومرو جي ڳوٺ حاجي اسماعيل رند جي برسات متاثر رهواسين پورهيتن جا ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا متاثر خاندان معصوم ٻچڙن سميت کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل چونڊيل سياسي نمائيندن ۽ سرندي وارن کان مالي سهائتا جي گهر برسات متاثرين پورهيت ڳوٺاڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان مسڪين مهانگائي سبب بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهيون ڪير به سار سنڀال لهڻ لاء تيار ڪونهي ويتر پريشانين ۾ مبتلا آهيون ۽ ان کان علاواه گهرن ۾ برساتي گندگي وارو پاڻي جمح هجڻ ڪري سوين ماڻهو مرد عورتون ٻارڙا ڪيترين ئي مختلف وبائي مرضن ۾ مبتلا ٿي ويا آهن حڪومت توڙي چونڊيل نمائيندن پاران واهر نه ٿي سگهي جنهن جي ڪري ڪيتريون انساني قيمتي زندگيون ڦاڪاڪشي سبب مختلف مشڪلاتن کي منهن ڏئي پريشانين ۾ جڪڙيل رهجي ويا ڪيترن ئي پورهيتن مسڪينن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا سوين مسڪين خاندان لڏپلاڻ ڪرڻ تي بيوس پر اڄ تائين ڪنهن به سرندي وارن ڪنهن به متاثر ڳوٺاڻي جي ڪا دلي سار نه لڌي متاٽر رهواسين جا ڏک ٻيڻا ٿي ويا سياسي ڀوتار به روايتي ڪردار کي هٿي ڏئي هميشه جيان غائب عوام سورن واري زندگي گذارڻ سبب اپاهج بڻجي وئي پر ڪنهن کي به ڪا ڪهل نه پئي کاڌي پيتي جون شيون چوٽ چڙهي ويون بيمارين به ڪر کنيو بي يارو مددگار عوام روڊن رستن چوراهن تي ننڌڻڪي پيل راتيون جاڳي گذارڻ به محال ٿي ويو حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪريون ٿا ته اسان غريبن جي ترت مالي سهائتا ڪئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو