بنگل مهر جي ٻوڏ متاثرن جي ڪيمپن ۾ آمد،ڄاريون ورهايون

بنگل مهر جي ٻوڏ متاثرن جي ڪيمپن ۾ آمد،ڄاريون ورهايون

خانپورمهر(ن سنڌيار) خانپورمهر شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات متاثرن ۾ مڇرن کان بچاءُ واريون ڄاريون ورهائڻ لاءِ وڏي وزير جي خاص مددگار ۽ برسات ايمرجنسي ۾ فوڪل پرسن مير بنگل خان پهچي ويو، فوڪل پرسن مير بنگل خان مهر پاران حاجي زبردست خان مهر ، مختيارڪار خانڳڙھ خالد محمود لانگاھ، سيد پرويز شاھ ، گنشام داس کي ساڻ ڪري خانپورمهر جي شيخ محلي، ٺڪراٺو اسٽينڊ ويجهو جوڳي محلي، گلزار مهر روڊ جي باءِ پاس تي ويٺل متاثرن ۽ گهوٽڪي بس اسٽيڊ پويان ويٺل متاثرن ۾ مڇرن کان بچاءُ جون ڄاريون ورهائڻ لاءِ پهتو جتي هن متاثرن ۾ ڄاريون تقسيم ڪيون ان موقعي تي مير بنگل خان مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ برسات متاثرن جي بحالي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هن چيو تہ سنڌ حڪومت برسات متاثرن جي اهنجن کي ختم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، هن ڏکي گهڙي ۾ متاثرن سان گڏ آهيون، مير بنگل خان مهر جو چوڻ هيو تہ برسات تمام وڏي تباهي ڪئي آهي گهوٽڪي ضلع اندر 95 سيڪڙو ووئڻن جو فصل تباھ ٿي ويو آهي، جنهن سبب آبادگار پريشان آهن، هن چيو تہ صحت کاتي جون ٽيمون مختلف ڳوٺن ۽ علائقن ۾ عارضي ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪري متاثرن کي صحت جون سهولتون ڏئي رھيون آهن: مير بنگل خان مهر جو وڌيڪ چوڻ هيو تہ اسين برسات متاثرن جي بحالي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون پر اڃان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو