ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وبائي مرض تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳا ۽ متاثرن ۾ ٻارن جو انگ سڀ کان وڌيڪ آهي.خيرپور ضلعي ۾ گيسٽرو سبب ٻه ٻارڙيون فوت ٿي ويون، صحت کاتي موجب ڳوٺ خدا بخش شر ۾ ڪيترائي ٻار گيسٽرو ۽ مليريا ۾ ورتل آهن.صحت کاتي ٻڌايو آهي ته سنڌ ۾ هيل تائين 12 لک 21 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا آهن، 24 ڪلاڪن ۾ ساهه، ڇاتي جي بيمارين سان 12 زهار 27 ڄڻا متاثر ٿيا.صحت کاتي جو چوڻ آهي ته معدي، جلد جي مرضن، ڊينگي، مليريا ۽ ڊائريا جي ڪيسن ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي.هوڏانهن بلوچستان جي علائقن ڊيرا مراد جمالي، نصيرآباد ۽ جعفرآباد ۾ به ٻوڏ متاثرن ۾ گيسٽرو، ڊائريا ۽ جلدي مرضن سميت ٻيون بيماريون پکڙجي ويون آهن.پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ به وبائي مرضن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، رپورٽ موجب پنجاب جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ 54 هزار 427 ماڻهو ساهه جي بيمارين ۾ ورتل آهن، 24 هزار 283 جلدي مرضن سان متاثر آهن، جڏهن ته 24 هزار 446 ماڻهن کي معدي جي بيماري آهي. ان کانسواءِ 24 هزار 675 ٻوڏ متاثر بخار 7 3 هزار 39 اکين جي بيمارين سان متاثر آهن.










