سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4 هزار في مڻ مقرر ڪري ڇڏي

سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4 هزار في مڻ مقرر ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4000 رپيا في 40 ڪلوگرام مقرر ڪري ڇڏي آهي ته جيئن ٻوڏ سبب متاثر مقامي هارين کي وڌيڪ ڪڻڪ پوکڻ ۽ ڏڪار جهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ همٿايو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻوڏ متاثر علائقن مان مختلف وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ هڪ پريس بيان ذريعي ڪابينا اجلاس ۾ ڪيل فيصلن بابت آگاهه ڪيو. وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت امپورٽ ٿيل ڪڻڪ 9000 رپيا في 40 ڪلو گرام جي حساب سان خريد ڪري ٿي، جنهن سان پرڏيھي آبادگارن کي فائدو پهچندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي اسان کي پنهنجي هارين بابت سوچڻو پوندو، سندن ٻوڏ واري پاڻي ۾ ٻڏل سندن زمين ٻيھر حاصل ڪرڻي آھي. ان کي پوکڻ لاءِ تيار ڪرڻو آھي ۽ فصل پوکڻ لاءِ مهانگو سامان استعمال ٿيندو، ان لاءِ بھتر اگهه وارو فائدو هارين تائين پهچايو وڃي. وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته زرعي زمينون پاڻي ۾ ٻڏي ويون آهن، انهن کي نيڪال ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي ڪوششن جي ضرورت آهي. ھن چيو تھ جيڪڏهن ڪڻڪ مقرر تناسب سان نه پوکي وئي ته صوبي ۾ ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. هن هارين کي ھمٿائڻ لاءِ سٺو اگهه ڏيڻ جو مشورو ڏنو. ڪابينا جي ميمبرن تفصيلي بحث کان پوءِ ڪڻڪ جي فصل 23-2022 لاءِ 4000 رپيا في 40 ڪلو گرام امدادي قيمت مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.ڪڻڪ جي اشو پاليسي: اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته خوراڪ کاتو پهرين آڪٽوبر 2022ع کان ڪڻڪ جو ذخيرو جاري ڪرڻ شروع ڪندو، جڏهن ته جاري ڪيل اگهه جي تجويز زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ، خوراڪ واري وزير مڪيش چاولا، يونيورسٽين ۽ بورڊز واري وزير محمد اسماعيل راهو ۽ خاص مددگارن قاسم نويد، حارث گزدر ۽ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت تي مشتمل ذيلي ڪميٽي جوڙي وئي. ڪابينا ذيلي ڪميٽي کي هڪ هفتي اندر سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. آفت سٽيل علائقا: رليف کاتي جي سفارش تي ڪابينا ڪراچي ڊويزن جي ملير ضلعي جي ٻن يوسيز سميت 24 ضلعن کي آفت زدہ علائقو قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني. واضح رهي ته حڪومت 21 آگسٽ 2022 تي 22 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏئي چڪي آهي ۽ 29 آگسٽ 2022 تي ٿرپارڪر جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي.مقرريون: سنڌ ڪابينا سليڪشن بورڊز/ڪميٽين جي سفارش تي عمران صمد کي سنڌ بئنڪ جو سي اي او/صدر، سيد صلاح الدين کي ايم ڊي ڪراچي واٽر بورڊ ۽ اسد الله خان کي چيف آپريٽنگ آفيسر ڪراچي واٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪوآرڊينيشن: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 23-2022ع جي ٻوڏ لاءِ ڪوآرڊينيشن ميڪنزم قائم ڪرڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي راشن بيگز، خيما ۽ مڇر دانيون فراهم ڪري امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو اجلاس کي ٻڌايو ته ڪئمپن ۾ 600000 کان وڌيڪ بي گهر ماڻهو رهن ٿا، جن مان 1363312 مختلف مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪل مريضن مان 28 سيڪڙو گيسٽرو، 27 سيڪڙو چمڙي جي بيماري، 7 سيڪڙو ڊينگي ۽ مليريا ۽ 38 سيڪڙو ٻيا مسئلا آهن. صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا انڪشاف ڪيو ته ڪئمپن ۾ 5636 ڳوڙھاري عورتون رهن ٿيون، جن مان 439 جلد ٻار ڄمڻ واريون آهن. ان تي وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته سمورين ڳوڙھاري عورتن کي رجسٽرڊ ڪيو وڃي ۽ ڊاڪٽرن کي هدايت ڪئي وڃي ته انهن جو باقاعدگيءَ علاج ڪيو وڃي. هن چيو ته انهن عورتن ۽ ٻارن کي لازمي سپليمنٽ پڻ فراهم ڪيو وڃي. سيد مراد علي شاهه پي ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته رليف ڪيمپن ۾ مليريا جي ڪيسن تي ضابطو آڻڻ لاءِ مچھر داني جي مناسب ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي.پي ڊي ايم اي: اجلاس کي بريفنگ ڏيندي پي ڊي ايم اي ٻڌايو ته 10 سيپٽمبر 2022 تائين 183424 خيما ورهايا ويا آهن ۽ 9945 پائيپ لائن ۾ آهن. ضلعي انتظاميا کي 145090 ترپالون فراهم ڪيون ويون آهن ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ 60000 ترپال ملڻ جو امڪان آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 1385105 مڇر دانيون روھايون ويون آھن ۽ 174600 پائيپ لائين ۾ آهن. ضلعي انتظاميا کي 301060 راشن بيگز ڏنا ويا آهن جڏهن ته 21640 پائپ لائن ۾ آهن.درياهه جي پوزيشن: سنڌ جي آبپاشي کاتي ڪابينا اجلاس کي ٻڌايو ته ڪوٽڙي وٽ اڃا به وڏي ٻوڏ واري صورتحال آھي، مٿانھون وھڪرو 620095 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 593597 ڪيوسڪ پاڻي آهي، جڏهن ته گڊو بئراج ۽ سکر بئراج معمول واري حالت ۾ آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته منڇر ڍنڍ 11 سيپٽمبر تي 122.80 آر ايل تي هئي ۽ وڏي وزير چيو ته 10 سيپٽمبر تي اهو 122.50 آر ايل هو، جنهن جو مطلب آهي ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي ڇڏڻ باوجود منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح اڃا به وڌي رهي آهي. سيڪريٽري آبپاشي سهيل قريشي وڏي وزير کي ٻڌايو ته منڇر ڍنڍ مان 97 هزار 17 ڪيوسڪ پاڻي درياهه ۾ ڇڏيو پيو وڃي ۽ ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ پاڻي جي سطح هيٺ اچڻ جو امڪان آهي

پهنجو تبصرو موڪليو