سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه، 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ نقصان

سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه، 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ نقصان

اسلام آباد(بيورو)نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو چوڻ آهي ته 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٿيو.اين ايف آر سي سي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ سبب انفراسٽرڪچر ۽ خانگي ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي، ملڪ ۾ ڪل 6579 ڪلوميٽر روڊن، 246 پلن، 176 دڪانن کي نقصان پهتو آهي.قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، خيرپور، دادو، نوشهروفيروز، ٺٽو، بدين ۽ جيڪب آباد ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن.بلوچستان ۾ ڪوئيٽا، نصيرآباد، جعفرآباد، جهل مگسي به سخت متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته بولان، صحبت پور، لسبيلا به سخت متاثر ٿيا آهن.ڪي پي ڪي ۾ دير، سوات، چارسده، ڪوهستان، ٽانڪ، ڊي آءِ خان جا علائقا سخت متاثر ٿيا آهن، پنجاب ۾ ڊي جي خان ۽ راجن پور به ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿيا آهن.اين ايف آر سي سي جو چوڻ آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج جون امدادي ڪارروايون جاري آهن، دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ آرمي ايوي ايشن جي هيلي ڪاپٽرن 485 اڏامون ڪيون آهن.گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 اڏامون ڪيون ويون، 70 ماڻهن کي بچايو ويو، جڏهن ته 29.9 ٽن امدادي سامان هيلي ڪاپٽر ذريعي ٻوڏ متاثرن تائين پهچايو ويو.اين ايف آر سي سي موجب 4424 ڦاٿل ماڻهن کي هيلي ڪاپٽر ذريعي ڪڍيو ويو آهي، رليف ڪيمپون ۽ ڪليڪشن پوائنٽس مڪمل طور تي ڪم ڪري رهيا آهن، سڄي ملڪ ۾ 147 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن.سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ 284 ڪليڪشن پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن، جيڪي ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان گڏ ڪري ورتا ويندا.اين ايف آر سي سي ٻڌايو ته هن وقت تائين 6 هزار 855 ٽن کاڌ خوراڪ متاثرن ۾ ورهائي وئي آهي، 1203 ضروري شيون ۽ 45 لک 97 هزار 569 دوائون متاثرن کي ڏنيون ويون آهن.متاثر علائقن ۾ هينئر تائين 250 طبي ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، طبي ڪئمپن ۾ 1 لک 2721 کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه پاڪستان ايئر فورس ۽ نيوي پاران امدادي سرگرميون به جاري آهن، پاڪستان نيوي جي 2 هيلي ڪاپٽرن سنڌ جي علائقن ۾ 50 اڏامون ڪيون.اين ايف آر سي سي موجب پاڪستان نيوي جي هيلي ڪاپٽرن 465 ماڻهن کي بچايو، 3505 ڪلو راشن ۽ 300 ڪلو دوائون ورهايون، نيوي جي 8 ڊائيونگ ٽيمن ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 26 ڊائيونگ آپريشن ڪيا. ان کان علاوه 56 ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 38 هزار 496 مريضن جو علاج ڪيو ويو، 4 فلڊ رليف ڪئمپن، 6 ڪليڪشن پوائنٽس ۽ 2 خيما قائم ڪيا ويا آهن.اين ايف آر سي سي جو چوڻ هو ته پاڪستان ايئر فورس جون امدادي سرگرميون به ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري آهن ۽ 90 پروازن ذريعي 1521 ماڻهن کي بچايو ويو آهي. پاڪستان ايئر فورس 4800 خيما، 216 هزار 4 فوڊ پيڪيٽ، 2584 ڪلو راشن پيڪيٽ، 196 هزار 677 ليٽر پاڻي، 19 خيما شهر، 18 هزار 441 ماڻهن کي کاڌو، خشڪ راشن ۽ طبي امداد فراهم ڪئي.اين ايف آر سي سي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ايئر فورس 54 رليف ڪيمپون قائم ڪيون آهن، 44 ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، طبي ڪئمپن ۾ 46 هزار 980 مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي.پاڪستان ايئر فورس سنڌ جي نوابشاهه، سکر، ميرپورخاص، تلهار، جيڪب آباد، سيهون ۾ آپريشن جاري رکيو آهي.بلوچستان ۾ پاڪ فضائيه سمگلي، قلعه عبدالله ۽ قلعه سيف الله ۾ امداد پهچائڻ ۾ مصروف آهي، راجن پور، ڊي جي خان، اسڪردو، غذر، نلتر، گهانگهرو، نوشهره، چارسده، سيدو شريف، شانگلا، لارام ۾ مصروف آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو