دبئي (ويب ڊيسڪ)آسٽريلوي ڪپتان آرون فنچ ون ڊي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو. آچر تي نيوزيلينڊ خلاف سيريز جي آخري ون ڊي ميچ کيڏي ويندي.آرون فنچ ٽي 20 انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏندو رهندو. 36 سالن جي بيٽسمين 145 ون ڊي ميچ کيڏيا آهن، هن پنهنجي آخري 7 اننگز ۾ صرف 26 رنسون ٺاهيون.آرون فنچ ان کان اڳ ون ڊي ڪرڪيٽ کي 2023 ورلڊ ڪپ تائين جاري رکڻ جو چيو هو.










