گلشن اقبال لائبريري جي تعمير جو ڪم مڪمل

گلشن اقبال لائبريري جي تعمير جو ڪم مڪمل

ڪراچي ( ن سنڌيار) ايڊمنسٽريٽر بلديااوڀر لائبريرين جو وقار بحال ڪري ڇڏيو، طلعت شڪيل ڊائريڪٽر لائبريري ايڊمنسٽريٽربلديااوڀر رحمت الله شيخ ڊائريڪٽر ڊي ايم توقير عباس ۽ ڊائريڪٽر لائبرري طلعت شڪيل سان گڏ گلشن اقبال لائبريري جي بحالي واري ڪم جو معائنو ڪيو.گلشن اقبال لائبريريءَ جي وڏي عرصي کان پوءِ مرمت ڪئي وئي آهي، جنهن کي پڙهندڙن پاران تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي.ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ڊي ايم سي ايسٽ رحمت الله شيخ چيو ته اسٽڊي سينٽرن جو تعداد وڌائڻ جي ضرورت آهي، هن وقت ضلعي اوڀر ۾ موجود لائبريرين کي قدم قدم تي بهتر ڪيو پيو وڃي، گلشن اقبال لائبريري جي صورتحال هاڻي تمام گهڻي بهتر آهي، جتي پڙهندڙ پنهنجي مطالعي جو ذوق پرسڪون ماحول ۾ پورو ڪري سگهن ٿا.ان موقعي تي ڊائريڪٽر لائبريريز طلعت شڪيل چيو ته ايڊمنسٽريٽر ڊي ايم سي ايسٽ رحمت الله شيخ تعليمي ۽ راندين جي سرگرمين ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو بي مثال آهي ۽ سندس ڪوششن سان لائبريرين جو وقار بحال ٿيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو