ٽنڊوباگو(ن سنڌيار) ٽنڊوباگو ۽ ڏيئي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سينٽرن تي عورتن کان ڪٽوتي جاري خبر موجب برسات متاثر عورتن کي بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام زريعي ملندڙ پئسن مان ٽنڊوباگو ۽ ڏيئي سينٽرن تي في عورت کان 1500 کان 2000 رپين تائين ڪٽوتي جاري آهي ڏيئي ۽ سينٽرن تي موجود عورتن گڏي ماڇڻ,بچي ڪولھڻ ۽ ٻين ٻڌايو ته ٻنهي سينٽرن تي ڊوائيسز وارن جا ايجنٽ موجود آهن جيڪي سينٽرن جي ٻاهر پھرين عورتن سان ڊيل ڪن ٿا تنهن کان پوء انهن عورتن کي اندر ويٺل ڊوائسز وارا پئسا ڏين ٿا باقي ٻين عورتن کي مختلف بھانا ٻڌائي وپس روانو ڪري ڇڏين ٿا جڏهن ته سينٽر اندر ھر عورت کان 2000 ھزار رپيا ڪٽوتي ڪرڻ تي ڏيئي ٿاڻي جي پوليس محبوب علي جروار نالي ڊوائس ھولڊر تي فراڊ جو ڪيس داخل ڪري جيل روانو ڪيو ويو آهي.










