منڇر ڍنڍ جي ريلي سان پل ٽٽي وئي

منڇر ڍنڍ جي ريلي سان پل ٽٽي وئي

ڄامشورو (ن سنڌيار)منڇر ڍنڍ ۾ انڊس هاءِ وي تي پل ڊهي پٽ ٿيڻ سبب سيوهڻ دادو روڊ تي ٽريفڪ مڪمل طور بند ٿي وئي.منڇر ڍنڍ جي آر ڊي 52 ۾ گهارو مان پاڻي تيزيءَ سان وهي رهيو آهي.سجاول جي ساحلي علائقن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي، جتان عورتن ۽ ٻارن کي سندن سامان سميت پنهنجي مدد پاڻ تحت ڊيم ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.ڪوٽڙي ۽ لاڙڪاڻو ريلوي ٽريڪ پاڻي هيٺ آهي، سن ۽ مانجهند وٽ پاڻي گهٽ نه ٿيڻ سبب ٽريڪ جي مرمت جي ڪم ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.ريلوي اختيارين موجب مسافر ٽرين سروس 20 ڏينهن لاءِ معطل آهي، ٽريڪ کي ڌوئيندڙ هنڌ تي پٿر رکڻ جو ڪم جاري آهي، جبلن مان ايندڙ ريل جي ٽڪر سبب ٽن هنڌن تي ٽريڪ متاثر ٿيو آهي.مانجهند وٽ ريلوي ٽريڪ ٻڏي ويو، جنهن سبب بولان ميل ايڪسپريس ۽ مسافر ٽرين سروس 20 ڏينهن تائين معطل ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو