زنده قومون ڏکين حالتن کي صبر سان منهن ڏينديون آهن: مرتضيٰ وهاب

زنده قومون ڏکين حالتن کي صبر سان منهن ڏينديون آهن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ن سنڌيار) ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون واري صلاحڪار سنڌ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته زنده قومون ڏکين حالتن کي صبر سان منهن ڏينديون آهن، ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيندڙ تباهي سنڌ حڪومت لاءِ وڏو چئلينج آهي، ڪوشش آھي ته ڇھن ھفتن ۾ بحالي جو ڪم شروع ڪيو وڃي۔ موجوده صورتحال ۾ عالمي بئنڪ کي قرض معاف ڪرڻ گهرجي. عمران نيازي کي ع سان عوام جو نه پر عمران سان دلچسپي آهي، ھو سکر ۾ صرف فوٽو سيشن لاءِ آيو ھيو۔ اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، بئريسٽر مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته اڄ يوم دفاع آهي، اسان انهن لاءِ دعاگو آهيون جيڪي ملڪ جي خدمت ۽ دفاع لاءِ اڳتي آيا آهن، مسلسل ٻن مھينن کان سنڌ ۾ برساتن جي صورتحال چيلنج رھي آھي۔ سکر لاڙڪاڻي خيرپور کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ زوردار برسات پئي، پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات جا 8 هنڌ آهن، نوشهرو فيروزموئن جودڙو سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ رڪارڊ برسات پئي۔ پاڻي جي نيڪال جو مسئلو وڏو چيلنج بڻجي ويو، ڪي پي ڪي جي طرف کان درياء سنڌ ۾ ايندڙ پاڻي جي نيڪال لاء سخت متاثر ٿي ته مٿان ٽيون چئلينج بلوچستان جي جبلن مان ايندڙ پاڻي آھي۔ ان جو نيڪال منڇر ڍنڍ مان گذري ٿو، 123 فوٽ اونهائي رڪارڊ ڪئي وئي۔ اسان جي سياسي قيادت گرائونڊ تي ھئي۔ بلاول ڀٽو زرداري۔ فريال ٽالپور۔ وزيراعلي سنڌ۔ سيد ناصر شاھ۔ سردار شاھ۔ شازيه عطا مري ۽ ٻيا اڳواڻ ھن مشڪل وقت ۾ عوام سان گڏ ھيا۔هن چيو ته ٽوڪيو ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهيا هئاسين اهو عقل جي انڌن کي نظر نه پيو اچي، بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته گڊو مان 2 لک 97 هزار ڪيوسڪ، سکر مان 4 لک ڪيوسڪ، جڏهن ته ڪوٽڙي مان 6 لک ڪيوسڪ پاڻي اچي رهيو آهي. مطلب ته ان پاڻي ۾ برسات جو پاڻي به مڪس ٿي رهيو آهي، منڇر کي ڪٽ لڳايا ويا آهن، جنهن سبب سنڌ جي وڏي وزير جو حلقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آھي ان سان پنج يوسيون پڻ متاثر ٿيون آھن۔ پر انشاالله دادو ۽ جوهي کي بچائينداسين، کاٻي پاسي جا ٽي هنڌ ڪنڊيارو۔ نواب شاھ۔ روهڙي وٽ ڪٽ لڳايا ويا آھن۔اتي سياست ٿي رهي آهي، ڪنڊيارو جا رھواسي ضلعي حڪومت جو ساٿ ڏين۔ درياهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال رھي پر اتي ڪوبه نقصان ناھي ٿيو۔ مان انهن سمورن آفيسرن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن ڏکئي وقت ۾ بهترين ڪم ڪيو۔ ھڪ لک چاليهه هزار خيما ورهايا ويا آهن ۽ 21000 وڌيڪ ڏينداسين۔ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته حڪومت ترقياتي فنڊ بحالي جي ڪم ۾ استعمال ڪندي، اسان جو ٽارگيٽ آهي ته بحالي وارو ڪم 5 کان 6 هفتن ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ڪراچي ۾ 41 متاثر ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن۔ ھن مھل تائين 180000 راشن بيگز ورهايا ويا آهن۔امدادي ڪيمپ ۾ پيدا ٿيل چئن ٻارن کي طبي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته زنده قومون سخت وقت سان وڙهنديون آهن، اسان سڀني کي اختيارين جو احترام ڪرڻ گهرجي، ڪڏهن توهان سپريم ڪورٽ، ڪڏهن سياست ۽ اقتدار لاءِ پارليامينٽ آهيو، هاڻي توهان پاڪ فوج خلاف ڳالهائي رهيا آهيو، پاڪستاني فوج به ھن مھل خدمت ۾ مصروف آھي۔ جڏهن عمران خان فوٽو سيشن لاءِ سکر پهتو ته سکر جي ماڻهن پڇيو ته هو هڪ مهيني کانپوءِ اچي رهيو آهي، ته ڪنهن چيو ته خان صاحب وزيراعظم ناهي رهيو، گذريل ڀيري ٻوڏ ۽ برساتن دوران خان صاحب وزيراعظم هو.تڏنھن به ھو نه آيا، پر انتظاميا جي لاپرواهي ۽ غفلت آهي، توان جي به نشاندھي ڪئي وڃي ته ان خلاف به نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان چاهيون ٿا ته عالمي بئنڪ جو قرض موجوده صورتحال سبب معاف ڪيو وڃي. عمران جي سياست ۾ رڳو عمران آهي، عوام ناهي. عمران کي عوام سان نه، اقتدار لاءِ پوائنٽ اسڪورنگ شرم آهي، ان کي ڪڏھن به شرم نه ايندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو