حيدرآباد(بيورو) منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جو دٻاءُ وڌيڪ وڌي ويو آهي، جنهن سبب ڦاٽڻ جو خطرو آهي.ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو موجب منڇر ڍنڍ جي آر ڊي 50 ۽ 52 کي ڪٽايو پيو وڃي، منڇر ڍنڍ جي آر ڊي 14 ۽ 15 کي 2 ڏينهن اڳ ڪٽايو ويو هو، ٻوڏ جي پاڻي کان بچاءَ کي نظر ۾ رکندي سيوهڻ جي 5 يونين ڪائونسلن ۾ آبادي کي ڪڍڻ جو ڪم جاري رکيو پيو وڃي.ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو اپيل ڪئي آهي ته ماڻهن کي فوري طور اعلانيل علائقي مان منتقل ڪيو وڃي، بني سعيد آباد، لال باغ ۽ سيهون ۾ قائم خيما وارن شهرن ۾ ماڻهو رهي سگهن ٿا، ماڻهن کي منتقل ڪرڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جا انتظام ڪيا ويا آهن.ٻئي طرف منڇر ڍنڍ جي حفاظتي بندن تي دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ قائم ڪيل ڊيمن سبب سوين ڳوٺ ۽ روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ پاڻي سيوهڻ ايئرپورٽ تائين پهچي ويو آهي.










