سکر (ن سنڌيار)وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ لاءِ سکر پهتو، جتي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سندس آجيان ڪئي.وزير اعظم جي استقبال لاءِ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، ناصر حسين شاهه، نعمان اسلام شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.شهباز شريف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ قمبر شهداد ڪوٽ جو هوائي معائنو ڪيو.وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي قمبر شهداد ڪوٽ ۾ ٻوڏ جي تباهي تي بريفنگ ڏني وئي، هنن قمبر شهداد ڪوٽ جي ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي چيڪ ورهايا.ان موقعي تي بلاول ڀٽو چيو ته ٻوڏ جي تباهي ملڪي تاريخ جو وڏو سانحو آهي، لکين ماڻهو متاثر ۽ لکين بي گهر ٿيا آهن، پاڪستان موسمياتي تبديليءَ جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، دنيا کي ان آفت جو مقابلو ڪرڻو پوندو.هن چيو ته دنيا جو ڪو به ملڪ موسمياتي تبديلي جي عفريت کي اڪيلو نه ٿو منهن ڏئي سگهي، پاڪستان بهادر ماڻهن جو وطن آهي، حوصلا نه هارينداسين. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته اسان گڏجي هن قومي آفت مان نڪرنداسين، هي وقت متحد ٿي دنيا کي پيغام ڏيڻ جو آهي ته اسان هر مشڪل کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا.










