اسان کي عالمي موسمياتي تبديلي کي سمجهڻو پوندو: عمران خان

اسان کي عالمي موسمياتي تبديلي کي سمجهڻو پوندو: عمران خان

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ٻوڏ جي تباهي هيٺ آهي، اسان کي عالمي ماحولياتي تبديلين کي سمجهڻو پوندو.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ته جنگلات، پاڻي جا ذخيرا ۽ ٻيا منصوبا ماحول ۾ اهم تبديليون آڻڻ گهرجن.عمران خان جو چوڻ آهي ته راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي زهريلي پاڻي کي مناسب پاڻي ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، هي پنهنجي قسم جو پهريون نظام آهي.هن چيو ته راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي 3 بئراجن جو پاڻي بچائيندي، تيزي سان ختم ٿيندڙ زير زمين پاڻي جي ذخيرن کي پورو ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو