اياز لطيف جو روڊ ڪناري ويٺل متاثرن جي ڪيمپن جو دورو،ضروري سامان ورهايو

اياز لطيف جو روڊ ڪناري ويٺل متاثرن جي ڪيمپن جو دورو،ضروري سامان ورهايو

حيدرآباد(ن سنڌيار)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ ۽ نامياري قانوندان اياز لطيف پليجي روڊن جي ڪنارن ڀرسان ويٺل برسات متاثرن ۾ تيار ٿيل خوراڪ، صاف پاڻي ورھايو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي برساتن متاثرين سان ڳالهائيندي چيو تہ سنڌ ٻڏي ناهي بلڪہ ٻوڙي وئي آهي، ماڻهن کي دربدر ڪيو ويو آهي. ماڻهن کي بيواھ ۽ بنا سھاري ڇڏيو ويو آهي. ڪرپٽ نااهل حڪمرانن لاءِ سنڌ ھڪ شوڪيس آهي، ان شوڪيس ۾ ٻڏل دربدر ٿيل عورتون ٻچا ڪڇن ۾ کڻي، پاڻي ۾ ترندڙ لاش پيل ۽ مٽيءَ جي مڻن ھيٺان دٻيل لاشن جا زمينن مان نڪتل ھٿ، اھي سڀ شوڪيس رکي ان کي حڪمران بازار ۾ وڪڻن ٿا. پاڻ سڀ شوڪيس م رکيل ڊميز آيون، برساتي ٻوڏ قدرتي آفت آھي يا امداد وٺڻ جو طريقو؟ ھي لاشن جا سوداگر، ٻڏل ماڻھن جا مڙھ، ڊٺل گھر ۽ برباد ڪيل سنڌ ڏيکاري، امداد جا کربين رپيا ڪمائڻ چاھين ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ مينھن ھر سال ايندو آهي. جون، جولائي، آگسٽ ۽ سيپٽمبر تہ برسات جا مھينا ھوندا آھن. برساتون ڪڏهن گھٽ ڪڏهن وڌ پونديون آهن، نااهل حڪمران چون ٿا ھي قدرتي آفت آهي، قدرتي آفت تہ ھوندي آھي زلزلو جنهن ۾ امير، غريب، سرڪاري عمارتون، پورھيتن جا گهر ھڪ جھڙا متاثر ٿيندا آهن، سامونڊي طوفان ۽ زلزلي ۾ سڀ ھڪ جھڙا ٻڏندا آهن يا زمين ۾ غرق ٿي ويندا آهن. ٻيو وري ملڪن مٿان دشمن حملا ڪري بمباري ڪندا آهن. اھي ڪون سوچيندا آهن تہ امير کي ڇڏڻو آهي ۽ غريب کي مارڻو آهي. شھرن تي اچي بمباري ٿيندي آهي. جنهن ۾ امير غريب سڀ متاثر ٿيندا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻ ٻڏا ناھيون پاڻ کي ٻوڙيو ويو آهي. سنڌ جي ماڻهن کي ھٿ وٺي ٻوڙي تباھ ڪيو ويو آهي. پنھنجو ھاڻي انتقام اھو آھي پاڻ هن ٻوڙيل تباھ ڪيل سنڌ مان وري ڳاٽ اونچا اڀا ڪري بيھون. ڪراچي ۽ حيدرآباد کي پنھنجو تخت گاھ بڻايون. علم، صحت ۽ ترقي سان جڙون. ھڪڙو اھڙو نئون نسل پيدا ڪريون جيڪو سنڌ تي بادشاهيءَ ڪري. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ شوڪت سريوال، خورشيد شيخ درشن سچديو، آزاد ميرواھي، الطاف خاصخيلي، نظير بليدي، بابو ميمڻ، رفيق ڪنراڻي، ساحر پليجو خادم سمون، سر باز پليجو ۽ معشوق چانڊيو ٻيا پڻ موجود ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو