سرحد(ن سنڌيار) سيپڪو جا سرحد واسين سان ڪلُور 40 کان مٿي ڳوٺن جي بجلي هڪ مهيني کان بند، ڳوٺاڻان سخت پريشان سيپڪو جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو سي پيڪ جي پل هيٺان احتجاج، بجلي جي بحالي جو مطالبو، خبرموجب سرحد ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ شهزادو موچي، ڳوٺ ڄام محمد علي لکڻ، ڳوٺ الهڏنو ابڙو، ڳوٺ ڪمال لکڻ، ڳوٺ نبي بخش بوهڙ سميت 40 کان مٿي ڳوٺن جي بجلي بلاوجه مهيني کان بند پيل آھي سيپڪو اختيارين پاران بلاوجه مختلف ڳوٺن جي بجلي بند ڪرڻ واري عمل خلاف ڳوٺاڻن گامڻ بوهڙ، اسماعيل لکڻ، حافظ صديق بوهڙ، جاڙو، سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران سي پيڪ جي پل جي هيٺان احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو اختيارين خلاف نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته ، سيپڪو اختيارين بلاوجهه اسانجي ڳوٺن جي بجلي ڪٽي زيادتي ڪئي آھي بجلي نه هجڻ سبب ڄاڻايل ڳوٺن جي رهواسين جي زندگي مفلوج بڻجي وئي آھي رات جي اونداهي ۾ چوريون به روز جو معمول بڻيل آھن هنن چتاء ڏيندي چيو هڪ ڏينهن ۾ ڳوٺن جي بجلي بحال نه ڪئي وئي ته سيپڪو گهوٽڪي جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو










