منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي سطح 122 آر ايل ٿي وئي آهي: ڄام خان شورو

منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي سطح 122 آر ايل ٿي وئي آهي: ڄام خان شورو

دادو(ن سنڌيار) آبپاشي وارو صوبائي وزير ڄام خان شورو منڇر ڍنڍ جي زيرو پوائنٽ تي پهتو، بندن جو معائنو ڪيو صوبائي وزير ڄام خان شورو جي زيرو پوائنٽ تي ميڊيا سان ڳالهہ ٻولهہ منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي سطح 122 آر ايل ٿي وئي آهي.ڪٿان بہ ڪٽ نہ پيا ڏيون، اسان جي پهرين ڪوشش آهي تہ شهرن کي بچايون. آر ڊي 62 وٽ بند جي صورتحال ڪمزور آهي. آر ڊي 62 وٽ ريگيوليٽر هجڻ سبب ڪم نہ ٿي سگهيو آهي. زيرو پوائنٽ تي گذريل ڏينهن گهارا لڳا، مان پاڻ پهچي صورتحال جو جائزو ورتو آهي 50 هزار ٻوريون ۽ مٽي جو بندوبست ڪريون پيا. آبپاشي کاتي جا عملدار بندن تي موجود آهن جيڪي مقامي ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪن پيا. منڇر ۽ زيرو پوائنٽ جي رهواسين کي جس هجي جيڪي شهرن کي بچائڻ لاء ڏينهن رات بندن جي مضبوطي لاء ڪم ڪن پيا صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ اڪيلي ڊپارٽمينٽ يا سنڌ حڪومت جي وس جي ڳالهہ ناهي منڇر ڍنڍ ۾ اڃا 6 فوٽ پاڻي جي گنجائش موجود آهي،تيز هوا سبب بند ڪمزور ٿين پيا بندن تي پوليس مقرر ڪري عام ماڻهن جي داخلا تي پابندي لڳائي آهي جيڪي ماڻهو رضاڪاراڻہ طور بندن تي ڪم ڪن پيا انهن کي بندن تي اچڻ جي اجازت آهي باقي جيڪي ماڻهو روشي تي اچن ٿا انهن کي بندن تي اچن نہ ڏينداسين انهي لاء پوليس بندن تي مقرر ڪئي آهي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو