اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته موجوده حڪومت ۾ عمران خان جي سيڪيورٽي کي غير معمولي خطرو آهي.پي ٽي آءِ طرفان گهرو وزارت عمران خان جي سيڪيورٽي خرچن ۽ 266 سيڪيورٽي اهلڪارن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.اهڙو مطالبو تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.سندس چوڻ آهي ته هر شهري وانگر عمران خان جي حفاظت حڪومت جي اولين ذميواري آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته شريف خاندان جاتي امرا محل جي سڪيورٽي تي 364 ملين رپيا خرچ ڪيا آهن، ان جي سيڪيورٽي تي 3 هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.فواد چوڌري جو وڌيڪ چوڻ آهي ته عمران خان پنهنجي اقتدار واري دور ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي رهيو، هن پاڻ پنهنجي گهر جي چوڌاري حفاظتي ڀت ٺاهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ مطالبو ڪيو آهي ته گهرو وزير عمران خان جي سيڪيورٽي خرچن ۽ 266 اهلڪارن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن.










