ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ ڪالهه کان ٻيهر گهٽتائي شروع ٿي وئي آهي.اڄ صبح ڪاروبار شروع ٿيڻ سان ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي. انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر هڪ رپيو 62 پئسا سستو ٿيڻ بعد 218 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي. ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 3 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 221 رپين جو ٿي ويو آهي.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار ۾ مثبت رجحان ڏٺو ويو آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس اڄ 120 پوائنٽن جي واڌ سان 42315 تي پهچي ويو.










