پوليس جي حراست ۾ ڪمال رشيد کي سيني ۾ تڪليف، اسپتال منتقل

پوليس جي حراست ۾ ڪمال رشيد کي سيني ۾ تڪليف، اسپتال منتقل

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ فلم انڊسٽري جي مشهور نقاد ۽ اداڪار ڪمال رشيد خان کي سيني ۾ تڪليف سبب ممبئي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ڪمال رشيد خان کي سيني ۾ درد جي شڪايت ڪئي وئي جڏهن کيس گرفتار ڪري پوليس اسٽيشن تي آندو ويو، ڪي آر ڪي کي ڪالهه ممبئي ايئرپورٽ تي گرفتار ڪيو ويو.اداڪار جي گرفتاري 2020 ۾ مرحوم اداڪار رشي ڪپور ۽ مرحوم عرفان خان بابت تڪراري ٽوئيٽس کانپوءِ عمل ۾ آئي، عدالت کيس 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب عورتن بابت قومي ڪميشن ڪمال رشيد خان خلاف عورتن بابت نازيبا تبصرو ڪرڻ تي پوليس کان ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو