اسلام آباد(بيورو)ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته هو سپلائي جي کوٽ ۽ صورتحال کي ڏسي ڀارت مان کاڌي پيتي جون شيون آرڊر ڪرڻ جو فيصلو ڪندا.هڪ بيان ۾ ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هڪ کان وڌيڪ عالمي ادارن حڪومت سان رابطو ڪيو آهي، عالمي ادارن ڀارت مان کاڌي پيتي جون شيون زميني رستي آڻڻ جي اجازت گهري آهي.مفتاح اسماعيل چيو ته سپلائي ۽ قلت واري صورتحال کي ڏسندي حڪومت اتحادين ۽ اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان ڀارت مان کاڌي پيتي جون شيون گهرائڻ جو فيصلو ڪندي.ناڻي واري وزير چيو ته خوراڪ جي کوٽ جي بنياد تي خوراڪ جي خريداري جي اجازت ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو حڪومت ڪندي.










