پي ٽي آئي اڳواڻ علي زيدي جي ٺٺي آمد،ٻوڏ متاثرن ۾ راشن ورهايو

پي ٽي آئي اڳواڻ علي زيدي جي ٺٺي آمد،ٻوڏ متاثرن ۾ راشن ورهايو

ٺٽو( ن سنڌيار) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ علي زيدي پنھنجي ٽيم MPA آفتاب صديقي، MPA پي ٽي آء ڪراچي جي صدر خورم شيرزمان، پي ٽي آء ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ رئيس اسلان خان بروھي سان گڏ مڪلي تي ٻوڏ متاثرين وٽ پھچي انھن ۾ پڪل کاڌو، تنبو ۽ راشن تقسيم ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي PTI جي مرڪزي اڳواڻ علي زيدي چيو تہ سنڌ ۾ پھريان برساتن ۽ ھاڻي سنڌو درياء ۾ ايل چاڙھ وڏو نقصان ڪيو آھي، وڏي تعداد ۾ روڊن، رستن تي پيل برساتن متاثرين جي سنڌ حڪومت ڪابہ واھر نٿي ڪري جيڪا رڳو ڦوٽو سيشن تائين محدود بڻيل آھي. ھن چيو تہ ھي وقت ڦوٽو سيشن جو نہ پر حقيقي متاثرين جي دل کولي مدد ڪرڻ آھي، اسان بہ مڪلي تي برسات توڙي ٻوڏ متاثرين جي پوئيواري ڪرڻ لاء آيا آھيون، جن کي پڪل کاڌي سميت تنبو، راشن ۽ ٻيو ضرورت جو سمان ڏنو ويو اھي، ھن چيو تہ ھتي جي متاثرين کي ڏسي ڏاڏي تڪليف پھتي آھي، جن جي سرڪاري طرح ڪابہ سار نٿي لڌي وڃي، ڪافي خاندان کلي آسمان ھيٺ بي يارو مددگار بڻيا پيا آھن، پي ٽي آء جي مرڪزي اڳواڻ علي زيدي چيو تہ سنڌ حڪومت کي وفاقي حڪومت کوڙ سارا فنڊ مھيا ڪرڻ سان گڏ سنڌ حڪومت وٽ پنھنجا بہ کوڙ سارا مالي وسيلا ھجڻ باوجود برسات متاثرين تي خرچ ڪرڻ لاء تيار ناھي، جيڪا برسات توڙي ٻوڏ متاثرين سان وڏي زيادتي آھي، اسان پنھنجي قائد سابقہ وزير اعظم پاڪستان عمران خان جي خاص ھدايتن تي ٺٽي ضلعي جي متاثرين جي سار لھي انھن جي مدد لاء پھتا آھيون، اسان ھتان جي حقيقي متاثرين جي ھرممڪن مدد ڪندا رھنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو