ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهين عدالت نوٽيس تي حتمي فيصلو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي پاڻمرادو نوٽيس خلاف اسد عمر جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اسد عمر جي وڪيل ايڊووڪيٽ انور منصور چيو ته اليڪشن ڪميشن ايڪٽ 2017 جو سيڪشن 10 غير آئيني آهي، اليڪشن ڪميشن ڪا عدالت يا ٽربيونل ناهي، آئين جو آرٽيڪل 204 اليڪشن ڪميشن تي نه لاڳو ٿئي ٿو،ايڊووڪيٽ انور منصور چيو ته عدالتي استحقاق يا اختيار ڪنهن کي به نه ٿو ڏئي سگهجي، اليڪشن ڪميشن جو 19 آگسٽ تي جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس غيرقانوني آهي، درخواست تي فيصلو اچڻ تائين اليڪشن ڪميشن جو شوڪاز نوٽيس معطل ڪيو وڃي، درخواستگذار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. درخواست ڏيندڙ کي به روڪيو وڃي.عدالت اسد عمر جي وڪيل جي دليلن تي اليڪشن ڪميشن ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي اليڪشن ڪميشن کي حتمي فيصلو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪارروائي جاري رکي پر عدالت جي فيصلي تائين حتمي حڪم جاري نه ڪيو وڃي.










