پشاور(ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخواهه حڪومت جي پي ٽي ايم قيادت خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو.پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس وقار ۽ جسٽس شاهد صوبائي حڪومت پاران پي ٽي ايم قيادت خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار چيو ته سي آر پي سي جي سيڪشن 196 جو غلط استعمال سياسي مقصدن لاءِ ڪيو ويو، سيڪشن 196 ڪنهن آفيسر کي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو اختيار نٿو ڏئي.عدالت خيبرپختونخواهه حڪومت جو اعلان معطل ڪندي صوبائي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.










