قمبر ( ن سنڌيار) قمبر ويجهو تيز وهڪرن جو دٻاءُ نه سهندي ايف پي بند ٽٽي پيو، ڳوٺ صابو ٻرڙو وٽان بند ٽٽڻ سبب 200 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا آهن.ميڊيا رپورٽن موجب متاثر ڳوٺن مان ڪيترائي خاندان پنهنجو چوپايو مال ۽ سامان ڇڏي روڊن تي ويهي رهيا آهن، ڪيترائي خاندان اڃا تائين ڦاٿل آهن.ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب پاڪ فوج جي جوانن طرفان ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ آپريشن جاري آهي، بچاءَ بند ٽٽڻ بعد وارهه ۽ قمبر تعلقن لاءِ به ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.ٻئي پاسي برسات ۽ ٻوڏ جي وهڪرن نصير آباد وٽان انڊس هاءِ وي کي ٻوڙي ڇڏيو، پاڻي جا وهڪرا انڊس هاءِ وي کي اوور ٽاپ ڪري گاجي کهاوڙ شهر ڏانهن تيزي سان وڌڻ لڳا آهن.انڊس هاءِ وي ٻڏڻ سبب مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ ٽرئفڪ بند آهي، جڏهن ته گاجي کهاوڙ شهر مان به لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آهي.










