حيدرآباد (رپورٽر)صوبائي وزير اطلاعات ، ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ ۽ حيدرآبادرين ايمرجنسي فوڪل پرسن شرجيل انعام ميمڻ اڄ ٻيهر تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي جي مختلف فلڊ ريليف ڪيمپن جو دورو ڪري متاثرن کي ڏنل سهولتن جو جائزو ورتو _ صوبائي وزير راهوڪي شاخ ۾ پيل گهاري کي بند ڪرائڻ واري ڪم جو پڻ معائنو ڪيو _ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن به مشڪل حالتون پيدا ٿيون آهن حڪومتن کي سخت فيصلا ڪرڻا پوندا آهن _هن چيو ته ٻوڏ فنڊ ۾ گريڊ 16 تائين جي سرڪاري ملازمن جي ٻن ڏينهن ۽ گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي گريڊ وارن سرڪاري ملازمن جي 5 ڏينهن جي پگهارسنڌ فلڊ رليف فنڊ ۾ جمع ڪرائي ويندي جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي جا ايم پي ايز ، صوبائي وزير ، صلاحڪار ۽ اسپيشل اسسٽنٽس پنهنجي هڪ مهيني جي پگهار رليف فنڊ ۾ جمع ڪرائيندا _ هن چيو ته جيڪڏهن ڪو سرڪاري ملازم مالي مسئلن سبب فنڊ نٿو ڏيڻ چاهي ته ان تي زبردستي نه ڪئي ويندي _ هن چيو ته اها مهم جي شروعات آهي هر ڪو برسات متاثرن جي امداد ڪرڻ گهري ٿو _ هن چيو ته اها وڏي قدرتي آفت آهي ۽ پي ڊي ايم 2 لک وڌيڪ تنبو گهرائڻ جو پڻ آرڊر ڏنو آهي _ هن چيو ته جنهن به شخص جو برسات ۾ نقصان ٿيو آهي حڪومت ان جي مدد ڪندي _ صوبائي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون سخت هدايتون آهن ته برسات متاثرن جي هر طرح سان مدد ڪئي وڃي جڏهن ته ان حوالي سان سنڌ جو وڏو وزيرسيد مراد علي شاهه پڻ پوري صوبي جي برسات متاثرعلائقن جي دوري تي آهي _ هن چيو ته پي پي پي هميشه مشڪل گهڙي ۾ عوام جو ساٿ ڏنو آهي سال 2010 ۽ 2011 دوران آيل ٻوڏ ۽ برساتن کان ماڻهو متاثر ٿيا هئا ان وقت به پي پي پي عوام سان گڏ بيٺل هئي ۽ لکين خاندانن جي ٻيهر آبادڪار کي يقيني بڻايو _ صوبائي وزير چيو ته گذريل ڏينهن راهوڪي شاخ ۾ پيل گهاري جي جڳهه تي هو پاڻ پهتو ۽ سڄي رات ان کي بند ڪرائڻ واري ڪم جي نگراني ڪئي _ هن چيو ته پاڻي جو وهڪرو تمام گهڻو آهي سکر کان گذريل ڏينهن 6 لک ڪيوسڪ پاڻي جو ريلو گذريو _ هن چيو ته لاڳيتون برساتون جاري آهن گذريل 48 ڪلاڪن ۾ ٿيل برساتن تبائي مچائي ڇڏي آهي جنهن سان حيدرآباد شهر به تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي _ هن چيو ته آئون وڏي ڳالهه ته نٿو ڪيان پر حيدرآباد ۾ اهڙو ڪو به برسات متاثر علائقو نه آهي جتي اسين نه پهتا هجون _ صوبائي وزير چيو ته ضلعي حڪومت جو نيٽ ورڪ آهي ان سان گڏ پي پي پي جو يونين ڪائونسل سطح تي ماڻهن سان رابطو آهي _ هن چيو ته ڪنهن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو اسان جي ڪوشش آهي ته برسات متاثرن کي تيار ڪيل کاڌو پهچايون ۽ چيو ته مدد ڪرڻ واري رب پاڪ جي ذات آهي انسان ته فقط ذريعو آهي _ هن چيو ته حڪومت متاثرن لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي _ صوبائي وزير ٽنڊو ڄام ٽيڪينڪل ڪاليج ۾ قائم رليف ڪيمپ جي متاثرين سان سان ملاقات ڪري سندن مسئلا معلوم ڪيا .










