شهباز گل جي  سيشن ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل

شهباز گل جي سيشن ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل

اسلام آباد(بيورو) پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل سيشن ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.شهباز گل پنهنجي وڪيل فيصل چوڌري ۽ ٻين قانوني ٽيم ذريعي سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي.شهباز گل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته منهنجي خلاف ڪيس بدديانتي ۽ سياسي بدانتظامي جي بنياد تي ٺاهيو ويو ۽ منهنجي بيان جي ڪجهه حصن کي مسخ ڪري ايف آءِ آر ۾ شامل ڪيو ويو آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مان اعليٰ ترين يونيورسٽين مان گريجوئيشن ڪئي آهي، آمريڪا ۽ يورپ جي تعليمي ادارن ۾ پڙهندو رهيس، پيپر ۾ ڄاڻايل شقن تحت منهنجي خلاف ڪو به ڪيس ناهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته مون کي بدنيتي سبب ڪيس ۾ ڦاسايو ويو، ان ڪري ضمانت واري درخواست منظور ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو