اسلام آباد(بيورو) وفاقي حڪومت 600 کان وڌيڪ درآمدي شين تي ريگيوليٽري ڊيوٽي وڌائي ڇڏي آهي.وفاقي حڪومت امپورٽ ٿيل گاڏين تي ڊيوٽي 70 مان وڌائي 100 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته امپورٽ ٿيل باٿ روم جي فيٽنگس تي ڊيوٽي 30 مان وڌائي 49 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.وفاقي حڪومت درآمد ٿيل گوشت ۽ مڇي تي ريگيوليٽري ڊيوٽي ٻيڻي ڪري ڇڏي آهي.ان کان علاوه امپورٽ جام ۽ جيلي تي ڊيوٽي 20 مان وڌائي 49 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، امپورٽ چاڪليٽ، ڪوڪو پائوڊر تي ڊيوٽي 10 مان وڌائي 49 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، امپورٽ ٿيل دال، اٽي تي ڊيوٽي 10 مان وڌائي 49 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. 35 سيڪڙو ۽ برانڊيڊ درآمد ٿيل خشڪ ميون ۽ بادام تي ڊيوٽي 20 مان وڌائي 74 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.










