ڪيف (ويب ڊيسڪ)يوڪرين اڄ پنهنجي 31 هين آزادي جو ڏهاڙو ملهائي رهيو آهي، جنهن تي روس جي مسلسل حملن جو شڪار ٿي ويو آهي.اڄ يوڪرين جا شهري سوويت يونين کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي 31هين آزادي جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن ۽ هن ڏينهن تي يوڪرين تي روسي حملي کي 6 مهينا گذري ويا آهن. يوڪرين جي آزادي واري ڏهاڙي تي راڄڌاني ڪيف سميت ٻين شهرن ۾ ڪرفيو لاڳو آهي، جنهن سبب عوامي گڏجاڻين تي پابندي لڳائي وئي آهي.يوڪرين جي فوج شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو هوائي حملن جي اشارن کي سنجيده وٺن.يوڪرين جي صدر ملڪ جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي روسي حملن جو خدشو ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته هن يوڪرين جي آزادي واري ڏهاڙي جي موقعي تي ڪنهن روسي حملي جي صورت ۾ خطرناڪ نتيجن جو به خبردار ڪيو آهي.يوڪرين جي صدر چيو ته اسان پنهنجي رياستي طاقت جي زور تي بيٺا آهيون ۽ سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ خطري جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته اسان قومي اتحاد جي سطح تي هڪ عظيم مقصد حاصل ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف انٽرنيشنل ائٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي) جي سربراهه اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايجنسي کي جلد ئي ڏکڻ يوڪرين ۾ روس جي قبضي واري ايٽمي پلانٽ تائين رسائي حاصل ٿي ويندي.










