ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي تڪ اين اي 245 جي ننڍي چونڊ جي نتيجن جو سلسلو جاري آهي.قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 245 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ 8 وڳي شروع ٿي جيڪا بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهي.ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هينئر تائين جي غير سرڪاري نتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف کي سرسي حاصل آهي.اين اي 245 جي 263 پولنگ اسٽيشنن مان 107 جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب تحريڪ انصاف جو محمود مولوي 11053 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو اميدوار معيد انور 4027 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي آهي.تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اميدوار محمد احمد رضا 3201 ووٽ حاصل ڪيا.ان کان سواءِ آزاد اميدوار فاروق ستار 1205 ۽ پاڪ سرزمين پارٽي جي اميدوار سيد حفيظ الدين 379 ووٽ حاصل ڪيا.










