اسلام آباد(بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي نااهلي لاءِ داخل درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏي، درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس عامر فاروق سومر تي ٻڌڻي ڪندو. شهري محمد ساجد پاران عمران خان جي نااهلي لاءِ داخل درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ درخواست تي ٻڌڻي جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ معلومات لڪائي آهي، هُن پنهنجي ڌيءُ ٽائيريان کي نامزدگي فارم ۾ ظاهر ناهي ڪيو. عدالت شهري جي درخواست منظور ڪندي ان کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي سومر جي ڏينهن تي ٻڌڻي ڪئي ويندي.










