اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان فوج کي مخاطب ڪندي چيو آهي ته هي پاڪستان جو مسئلو آهي اوهان چورن بدران قوم سان گڏ بيهو. ’اوهان جيڪڏهن واقعي نيوٽرلز آهيو ته قوم، ملڪ ۽ انصاف سان گڏ بيهو‘. . شهباز گل جي گرفتاري خلاف ايف نائن پارڪ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن گِل جو ٻيهر پوليس رمانڊ ڏيندڙ مئجسٽريٽ عورت زيبا چوڌري جو نالو کڻي، آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي اسلام آباد خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن خبردار ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ کي فوج سان ٽڪراءَ لاءِ ڌڪيو پيو وڃي، قوم ۽ فوج ۾ ٽڪراءُ ٿيو ته وڏي رتو ڇاڻ ٿيندي. فوج ملڪ اڪيلي نٿي بچائي سگهي، فوج ايئين ڪري سگهي ها ته بنگلاديش نه ٺهي ها. هن چيو ته مان نيوٽرلز کان پڇان ٿو ته هي ڇا پيو ٿئي؟ اوهان چورن بدران ملڪ، قوم، انصاف سان گڏ بيهو. دنيا ۾ ڪٿي به آرمي چيف جي مقرري لاءِ ائين ناهي ٿيندو جيئن هتي هي سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته شهباز گل تي تشدد جو پوليس کان پڇو ته هو چون ٿا ته اسانکي خبر ئي ناهي، پوءِ اهي ڪير آهن جن مٿس تشدد ڪيو. جنهن کان پڇون ٿا ته چون ٿا کين بوٽ جو ٿڏو ٿو لڳي. 25 مئي تي تشدد ڪندڙ پوليس آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪريون ٿا ته چڙيا گهر مان فون ٿي اچي ته ڪاروائي نه ڪريو. عمران خان چيو ته انصاف کانسواءِ ملڪ نه هلندو، مان سپريم ڪورٽ کي ادب سان عرض ٿو ڪريان ته هو انصاف ڪري، هي وقت خاموش رهڻ جو ناهي. هن چيو ته شهباز گل جيڪو ڪجهه چيو ان کان وڌيڪ فوج خلاف، مريم نواز، نواز شريف، آصف علي زرداري، مولانا فضل الرحمان ڳالهائيندا رهيا آهن. اسين سندن خلاف گل جهڙو ڪيس داخل ڪرن لاءِ سپريم ڪورٽ وينداسين. هن چيو ته چنگيز خان جنهن علائقي ۾ ويندو هو ته فتح ڪرڻ بعد ماڻهن جون ڳچيون ڪپي ٽنگي ڇڏيندو هو ۽ سندس خوف جي ڪري ڪيترا علائقا فتح ڪري ڇڏيندو هو، ساڳئي قسم جو خوف ڦهلائي اسنجو رستو روڪيو ٿو وڃي، ياد رکو قوم خوف مان آزاد ٿي روڊ تي نڪتي آهي. مان مختصر نوٽيس تي ايڏي وڏي تعداد م اچڻ تي شڪر گزار آهيان. هن چيو ته سڀاڻي لياقت باغ ۾ جلسو ڪندس ۽ روز روڊ تي هوندس.










