شاهين شاهه آفريدي زخمي ٿيڻ سبب ايشيا ڪپ مان ٻاهر

شاهين شاهه آفريدي زخمي ٿيڻ سبب ايشيا ڪپ مان ٻاهر

لاهور (اسپورٽس نيوز) فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي گھٹنے جي زخم سبب اي سي ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ ۽ انگلينڊ خلاف هوم سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي.پي سي بي جي ميڊيڪل ايڊوائزري ڪميٽي ۽ آزاد ماهرن تازي اسڪين ۽ رپورٽن جي روشني ۾ ڪرڪيٽر کي آرام جي سفارش ڪئي.قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي کي چئن کان ڇهن هفتن تائين آرام جو مشورو ڏنو ويو آهي.شاهين آفريدي جي آڪٽوبر ۾ نيوزيلينڊ ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ڪرڪيٽ ۾ واپسي جو امڪان آهي.اي سي ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ لاءِ شاهين آفريدي جي متبادل جو اعلان جلد ڪيو ويندو.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ايشيا ڪپ لاءِ سومر تي روٽرڊيم کان دبئي رواني ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو