ن ليگ اڳواڻن حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي

ن ليگ اڳواڻن حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) مسلم ليگ ن جي 12 اڳواڻن گرفتاري کان بچڻ لاءِ حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي.وزيراعظم جي خاص مددگارن عطا تارڙ، اويس لغاري ۽ راڻا مشهود اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست داخل ڪئي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ۽ پنجاب پوليس کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اسان تي ڪوڙو ۽ بي بنياد ڪيس ٺاهيو ويو آهي، اسان صفائي لاءِ پيش ٿيڻ چاهيون ٿا. درخواست ۾ وفاق ۽ پوليس اسٽيشن قلعه گجر سنگهه جي انچارج کي ڌر بڻايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو