پاڪستان ۾ پي ٽي سي ايل جي انٽرنيٽ سروس بند

پاڪستان ۾ پي ٽي سي ايل جي انٽرنيٽ سروس بند

اسلام آباد (بيورو)پاڪستان ۾ پي ٽي سي ايل جي انٽرنيٽ سروس بند ٿيڻ جون شڪايتون اچي رهيون آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته خانگي ادارن، گهرن ۽ آفيسن ۾ پي ٽي سي ايل جي انٽرنيٽ سروس متاثر ٿي آهي.ان حوالي سان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پي ٽي سي ايل جي ڊيٽا نيٽ ورڪ ۾ مسئلا سامهون آيا آهن.پي ٽي اي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊيٽا نيٽ ورڪ ۾ خرابي سبب انٽرنيٽ ڪنيڪشن جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.ترجمان پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته اتر ۽ ڏکڻ جي ڊيٽا نيٽ ورڪ ۾ خرابي آهي، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ سڄي صورتحال جي نگراني ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو