واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن جو چوڻ آهي ته ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهيون، ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ فوري امداد جو اعلان ڪيو.آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ لک ڊالرن جي فوري امداد جو اعلان ڪري ٿو.هن چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ 1 ملين ڊالرن جو به اعلان ڪيو آهي.آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن چيو آهي ته هو موسمياتي بحران جي مستقبل جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندا رهندا.










