ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)بلڙي شاھ ڪريم جي ڳوٺ اصغر آباد جي رهواسي 22 سالا پورهيت نوجوان شاهزيب حاجاڻو کي مبينه طور سعيد پور ۾ اڳوڻي ضلعي چيئرمين سيد ذيشان شاھ بجلي جي تار لڳائڻ تان تشدد جو نشانو بڻائي پنهنجي بنگلي جي اندر ملازمن کان وحشاڻو تشدد ڪرائي کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن کانپوء نوجوان کي سندس ڳوٺ اصغر آباد ويجهو روڊ تي ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا ، نوجوان جي وارثن رابطي ڪرڻ تي هنن ٻڌايو ته اسان جو نوجوان اٽي جي چڪي تي پورهيو ڪندڙ مزدور آهي جنهن کي سعيد پور جي سيدن سعيد پور ۾ گهرائي بنا ڪنهن جواز وحشاڻي تشدد جو نشانو بڻائي انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي کيس مرڻينگ ڪري بيهوشي جي حالت ۾ ڳوٺ جي روڊ تي اڇلائي ويا آهن ، اسان ملاڪاتيار پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس ڪو به فرياد نه ورتو آهي










