ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، قانون واري صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتصيٰ وهاب چيو آهي ته ڪورنگي ندي مٿان ساڍا پنج ارب لاڳت سان فلائي اوور ٺاهڻ جي سنڌ جي وڏي وزير منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته ڄام صادق علي پل جي مرمت ۽ بحالي جو ڪم شروع ڪيو پيو وڇي ملير ايڪسپريس وي تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي 65 ڪروڙرپيا لاڳت سان بلوچ ڪالوني کان قيوم آباد ايندڙ ٻئي رستا ٺاهيا ويندا جڏهن ته شاهراه لياقت ۽ ميوواشاهه رستي جو ڪم شروع ڪيو پيو وڇي اها ڳالهه هن ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊانڊسٽري ۾ پاڪستان جي 75هين جشن آزادي جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي ان موقعي تي هن جهنڊو به ڦڙڪايو. مرتصيٰ وهاب چيو ته پاڪستان وڏي نعمت آهي اسان کي هن نعمت جو قدر ڪرڻ گهرجي هي ملڪ هلندو ته سياست معيشت ۽ صنعتڪاري هلندي اسان کي ناڪاري رويا ختم ڪري گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته تنقيد ڪرڻ سڀ کان سولو ڪم آهي پر برساتن ۾ گذريل 5 هفتن کان سينيٽر ورڪرز ڏينهن رات هڪ ڪري ڪراچي جي رستن تي پاڻي ڪڍڻ واري عمل کي جاري رکيو ۽ شهرين کي تڪليف کان بچايو هن چيو ته اسان ۾ قوم طور شڪرگذاري جو جذبو ختم ٿي چڪو آهي اسان کي تنقيد بدران هاڪاري سوچڻ گهرجي مرتصيٰ وهاب چيو ته برساتن سان تباهه ٿيندڙ رستن لاءِ سنڌ حڪومت اڍائي ارب رپين جي منطوري ڏئي ڇڏي ۽ انهن رستن جي بحالي جو ڪم فوري شروع ڪيو ويندو هن چيو ته ڪراچي ۾ 75 کان وڌيڪ اسڪيمن تي ڪم جاري آهي جن ۾ ڪورنگي کان 14 هزار روڊ، چاڪيواڙا روڊ ۽ ٻيا شامل آهن ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته ڪورنگي تي فلائي اوور ٺهڻ جي شروعات پهرين نومبر کان ڪئي ويندي ۽ ڪوشش ڪئي ويندي ته هڪ سال ۾ هي فلائي اوور مڪمل ڪيو وڃي ملير ايڪسپريس وي تي ڪم جاري آهي ۽ پهرين مرحلي ۾ اليڪشن کان پهريان ايڪسپريس وي قيوم آباد کان ايئرپورٽ تائين ملير ايڪسپريس وي کي مڪمل ڪري وٺنداسين مرتصيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي جو ڪم پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه جي سربراهي ۾ ڪيا پيا وڃن هن چيو ته مان شاباش ڏيان ٿو انهن سينيٽر ورڪرز کي جن گذريل 6 هفتا رستن تي گذاريا ۽ برسات جو پاڻي نيڪال ڪيو ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته موجوده معاشي بحران بين الاقوامي آهي جنهن جي ڪري پاڪستان به ان ۾ مبتلا آهي. مينهن جو پاڻي، ڪورنگي ڪاز وي کان گذريو ته ان ۾ گاڏيون ضرور ڦاٿيون پر انتظاميه جي ترت ڪارروائي سان ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو.










