ڊائمنڊ جوبلي تقريبون، صدر ۽ وزيراعظم جو قوم جي نالي پيغام

ڊائمنڊ جوبلي تقريبون، صدر ۽ وزيراعظم جو قوم جي نالي پيغام

اسلام آباد (بيورو)پاڪستان جي آزادي جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم شهباز شريف قوم کي پيغام ڏنو آهي.پنهنجي پيغام ۾ صدر عارف علوي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اڄوڪو ڏينهن مادر وطن جي خاطر قائداعظم جي قيادت ۾ بيشمار قربانين جي ياد ڏياريندڙ آهي.هن چيو ته پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ شهيدن جي قربانين کي وساري نه سگهندا، شهيدن وطن جي سلامتي لاءِ جانين جو نذرانو ڏنو.يوم آزادي جي موقعي تي صدر ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد تي چيو ته هو گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين جي حق خوداراديت جي حمايت جاري رکندو.ٻئي طرف يوم آزادي جي موقعي تي ورڪرز ڪنوينشن کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 75 هون آزادي جو ڏهاڙو پاڪستاني قوم لاءِ تاريخي ڏينهن آهي، پاڪستان جو قيام ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هو.شهباز شريف چيو ته پاڪستان جو قيام باباءِ قوم قائداعظم جي اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد سان ممڪن ٿيو. هن جو اهو به چوڻ آهي ته اسان جي ابن ڏاڏن هڪ اهڙي ملڪ جو خواب ڏٺو هو جنهن جو بنياد سماجي، معاشي برابري، قانون جي حڪمراني ۽ برابري هجي، اسان اڃا تائين ان خواب کي پورو نه ڪري سگهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو