زرداري ۽ نواز لاءِ پاڪستان جي ڌرتي تنگ ٿي وئي آهي: شيخ

زرداري ۽ نواز لاءِ پاڪستان جي ڌرتي تنگ ٿي وئي آهي: شيخ

اسلام آباد(بيورو)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي بندوقن جو رخ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي قيادت ڏانهن ڪري ڇڏيو آهي.لال حويلي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف لاءِ پاڪستان جي زمين تنگ ٿي رهي آهي، چورن ۽ لٽيرن ملڪ کي لٽيو آهي، وفاقي ڪابينا ۾ 62 وزير آهن، انهن مان 17 وٽ ڪا به وزارت ناهي.اڳوڻي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت سامراجي ايجنڊا تحت ووٽ خريد ڪري جمهوري حڪومت کي هڪ سازش تحت ڊاهي پٽ ڪيو.شيخ رشيد چيو ته اسان هميشه اصولن جي سياست ڪئي آهي، شهباز شريف چيو آهي ته اڄ پيڪٽ آف سياست جو سڏ ڏئي رهيو آهيان، معيشت جو معاهدو ناهي، اچو ته گڏجي هن پاڪستان کي بچايون.

پهنجو تبصرو موڪليو