رائل ملٽري اڪيڊمي سينڊهرسٽ، برطانيه ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جو خطاب

رائل ملٽري اڪيڊمي سينڊهرسٽ، برطانيه ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جو خطاب

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا برطانيا جي رائل ملٽري اڪيڊمي سينڊهرسٽ ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جو معائنو ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا دوستي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. پاڪ فوج جي سربراهه جو چوڻ آهي ته اڄ هتي 41 پرڏيهي ڪيڊٽ پاسنگ آئوٽ ٿي رهيا آهن.
پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا جو اعزاز
جنرل قمر جاويد باجوا پاڪ فوج جو پهريون آرمي چيف آهي جنهن کي پريڊ ۾ خاص مهمان طور شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.جنرل قمر جاويد باجوا پهريون پاڪستاني بڻجي ويو جنهن برٽش ملٽري اڪيڊمي ۾ برطانيه جي راڻي جي نمائندگي ڪئي.برطانوي بچاءَ واري وزارت موجب جنرل باجوه اڄ منعقد ٿيل خودمختار پريڊ فار ڪميشننگ ڪورس 213 ۾ برطانيه جي راڻي جي نمائندگي ڪئي.سينڊرسٽ ملٽري اڪيڊمي ۾ ٿيل تقريب ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي فوجي سربراهن به شرڪت ڪئي.جنرل قمر جاويد باجوا سان گڏ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل افتخار بابر ۽ ملٽري اتاشي ڪرنل رانا آصف خان به پريڊ ۾ شرڪت ڪئي.208 برطانوي ڪيڊٽس کان علاوه 26 ملڪن جي 41 انٽرنيشنل آفيسر ڪيڊٽس پڻ اڄ ٽريننگ مڪمل ڪئي.دفاع واري وزارت موجب سي سي 213 ۾ ٽريننگ مڪمل ڪرڻ وارن ۾ پاڪستاني ڪيڊٽ به شامل آهن.رائل ملٽري اڪيڊمي 1741ع ۾ ولٽ شائر ۾ آرٽلري ۽ انجنيئر ٽريننگ لاءِ قائم ڪئي وئي.ٻي عالمي جنگ کان پوءِ، رائل ملٽري اڪيڊمي ۽ رائل ملٽري ڪاليج کي ملائي رائل ملٽري اڪيڊمي سينڊهرسٽ ٺاهيو ويو. 14 جولاءِ 1948ع تي سينڊهرسٽ ۾ پهرين ڪميشننگ پريڊ منعقد ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو